سنڌي ادب جو مختصر جائزو
عربن جو دؤر (711ع – 1050ع(
سنڌ جي قديم آثارن مان اها شاهدي ملي ٿي ته اڄ کان پنج هزار سال اڳ مهرن تي اکر اُڪريا ويندا هئا ۽ تصوير ڪشي ڪئي ويندي هئي، سنڌي علم و ادب جي تاريخ قديم آهي، جيڪو احوال تاريخ جي ڪتابن ۾ واضح ملي ٿو سو عربن جي آمد کان پوءِ جو آهي.
عربن جي آمد (710ع-1050ع(
محمد بن قاسم اموي خليفي عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ گورنر حجاج جي طرفان موڪليل اهو سپهه سالار هو، جنهن سنڌ کي اسلام جي روشني عطا ڪئي، محمد بن قاسم برهمڻ راجا ڏاهر کي 711ع مطابق 92هه ۾ شڪست ڏيئي سنڌ کي فتح ڪيو. هن دؤر ۾ سنڌ بغداد ۽ دمشق جي ماتحت رهي، عربن اٽڪل سنڌ تي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪئي.
عربن جي دور حڪومت ۾ علم و ادب؛
عربن جي دؤر ۾ سنڌي ٻولي رائج هئي پر سرڪاري زبان عربي هئي. ان وقت جي عالمن عربي زبان کي سکي پنهنجو ڪيو ۽ ڪيترائي عالم علم فقه، حديث۽ قرآن ۾ ڀڙ ٿي ويا. ۽ جيئن مولانا اسلامي شيخ ابو تراب، قاضي موسيٰ، شيخ ابو علي سنڌي، ابراهيم بن محمد ديبلي، جن جا نالا قابل ذڪر آهن.
سنڌ تي پهرين جيئن ته برهمڻن جي حڪومت هئي، جيڪي پاڻ کي اُتم قوم سمجهندا هئا ۽ کين علم جوتش، طب، ويدانيت ۽ حساب جي علم جي سٺي ڄاڻ هئي، عربن انهن ڪتابن جو دمشق ۽ بغداد ۾ ترجمو ڪرايو، جن جو ذڪر عربي ڪتابن ۾ ملي ٿو، ان زماني ۾ سنڌي ديوناگريءَ لپيءَ جي مختلف روپن ۾ لکي ويندي هئي. قرآن شريف جو ترجمو ۽ اسلامي تعليم متعلق نظم منصوره جي حاڪم عبدالله بن عمر هباريءَ جي زماني ۾ سنڌي زبان ۾ لکيا ويا، جنهن جو ذڪر هڪ عربي ڪتاب ۾ آيو آهي.
قرآن جو پهرئين سنڌي ترجمو؛
جنته السنڌ“ ۾ رحيمداد خان مولائي شيدائي جن لکن ٿا ته ”منصوره ۾ گهڻائي سنڌي عرب عالم موجود هئا، جي فن تعمير جا ماهر هئا از انسواءِ هندي ۽ سنڌي زبانن جا ماهر هئا. منصوره جي هباري حاڪم عبدالله بن عمر جي زماني ۾ الور جي راجا مهروگ (مهروق) سنه 270هه ۾ منصوره جي امير کي لکيو ته ڪنهن عالم کان اسلامي اعتقادات لکرائي وٽس روانا ڪري، جيئن هو اسلامي اصولن ۽ اعتقادات کان واقف ٿئي. عبدالله جي حڪم سان هڪڙي سنڌي عالم اسلامي عقيدن کي هڪڙي قصيدي ۾ لکي راجا ڏانهن مُڪو. راجا قصيدو ٻڌي شاعر جي قادر الڪلاميءَ ۽ لياقت جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ عبدالله کي لکيو ته شاعر کي وٽس روانو ڪري. سنڌي شاعر ٽن سالن تائين راجا جي درٻار ۾ عزت ۽ احترام سان رهي قرآن شريف جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
(تاريخ الخلفا سيوطي صه 226 ڪلڪتو)
(جنته السنڌ صه 166 ڇاپو 1993ع سنڌي ادبي بورڊ)
ارهه بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره يا ”ارهه اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره“ هڪ سنڌي شاعر هيءُ شعر يحيٰ برمڪي يا فضل برمڪيءَ جي درٻار ۾ پڙهيو. (سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي) هن جملي يا شعر بابت ماهرين ڪيترائي رايا ڏنا آهن، ڪجهه جي چوڻ مطابق هي جملو ڪنهن آفريڪي ٻوليءَ جو آهي جيڪو حضرت بلال رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جي شان ۾ چيو آهي. هن جملي کي سنڌي ٻوليءَ جو سمجهڻ جي باوجود به عربن جي دؤر کي ”سنڌي ٻولي کي علم و ادب“ جو دؤر نٿو شمار ڪري سگهجي. پر ته به اها خبر پوي ٿي ته عربن جي دؤر ۾ سنڌي عالم عربيءَ ۾ ڪتاب لکندا هئا ۽ سنڌي ديوناگري لپيءَ ۾ لکي ويندي هئي.